Dargah Sufi Jalal Faqeer

Talpur Wada, Sindh, Pakistan, -NA-, 66121
Dargah Sufi Jalal Faqeer Dargah Sufi Jalal Faqeer is one of the popular Monument located in Talpur Wada, Sindh, Pakistan ,-NA- listed under Tours & Sightseeing in -NA- , Public places in -NA- ,

Contact Details & Working Hours

More about Dargah Sufi Jalal Faqeer


حضرت صوفي جلال فقير ٽالپر قدس سره العزيز
___________________________________
حضرت صوفي جلال فقير ٽالپر، 1220هه/1805ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. سندس مائٽ زميندار ۽ خوشحال ماڻهو هئا، پر هن جي دل انهن ڳالهين سان گهٽ لڳندي هئي. ننڍي هوندي کان ئي سندس طبيعت فقيري واري هوندي هئي. هن شاعريءَ جي شروعات ننڍي هوندي کان ئي ڪئي. هيءُ ڪنڊڙيءَ وارن فقيرن مان ”دريا خان“ فقير جو صحبتي ۽ معتقد هو، پوءِ هن تجل شريف جهوڪ شريف ۽ راجپوتانا جا پنڌ ڪيا. چيو وڃي ٿو ته جتي به ويو اتي ڪا نه ڪا ڪرامت ڏيکاريندو رهيو. جلال فقير ٽالپر اڳتي هلي وڏي درجي تي پهتو، ايتري قدر جو سندس ڪيترائي ماڻهو مريد ٿي پيا. محترم نياز همايونيءَ موجب ڪنڊڙيءَ وارن درويشن جا ٿر ۽ راجپوتانا ۾ ماڙيچا هندو توڙي مسلمان مريد هئا. اهڙيءَ طرح جلال فقير جا پڻ انهيءَ پاسي گهڻا عقيدتمند ٿي پيا. جوڌپور ۽ جيسلمير جي راجائن جا پروانا پڻ سندس مهرن سان چمڙيءَ جي ٽڪرن تي چنبڙايل ڪاغذن ۽ گرمکي، شاستري اکرن ۾ فقير صاحب جي پوين وٽ اڃا تائين موجود آهن. ڪن جي چوڻ موجب صوفي جلال فقير ٽالپر ٿر جي ويران ڀٽن تي ڪيترائي ڏينهن مراقبي ۾ ويٺو هوندو هو. ساڻس ماني ۽ پاڻي وغيره به بلڪل نه هوندا هئا. وٽس فقط کارڪون هونديون هيون، جن مان روزانو کارڪون کائي گذارو ڪندو هو. وٽس ڪي مريد يا ٻيا ماڻهو گهڻو ڪجهه کڻي ويندا هئا. پر هي وٽانئن سواءِ پاڻيءَ جي ٻيو ڪجهه ڪين وٺندو هو. دنيا جي هر لالچ کان پاسيرو رهندو هو. هر ساهه واري شيءِ کي تڪليف پهچائڻ وڏو گناهه سمجهندو هو. اهو ئي سبب هو جو وڏن وڏن سفرن ڪرڻ جي باوجود هن فقير ڪڏهن به وهٽ تي سواري نه ڪئي. بلڪه ٻين کي به جانورن تي سواري ڪرڻ ۽ کانئن ڪو به ڪم وٺڻ کان سختي سان منع ڪندو هو. هن هڪ سئو سالن کان وڏي ڄمار ۾ سن 1329هه/1911ع ۾ وفات ڪئي.

Map of Dargah Sufi Jalal Faqeer