Hindu Panchayati Rabta Forum

Larkana, Larkana Lines, 77150
Hindu Panchayati Rabta Forum Hindu Panchayati Rabta Forum is one of the popular Community Organization located in Larkana ,Larkana Lines listed under Community Organization in Larkana Lines ,

Contact Details & Working Hours

More about Hindu Panchayati Rabta Forum

Introduction & Motto
تعارف، اصول ۽ قاعده
موجوده حالتن کي مدِنظر رکندي اسان کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هندو برادرين يعني (اوڏ، ڀيل، باگڙي، هريجن ۽ ٻين برادرين) کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسان جي آبادي ۽ ڪردار هر سطح تي نمايان رهيو آهي ۽ اسين مڪمل هندو اقليتن جو 90% آبادي رکون ٿا. تنھنڪري انھن سڀني ضرورتن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سڀني هندو پنچائتي اڳواڻن کي هڪ فورم تي گڏ ڪري هڪ مضبوط اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ڪندي لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سڀني هندو پنچائتي اڳواڻن هن فورم جو بنياد رکيو آهي.
ڪم جو اثر رسوخ (Area of Operation):
تنظيمي ڪمن جو دائرو لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ هوندو.

بنيادي مقصد (Fundamental Objectives):
(الف): هندو اقليتن جي آئيني حقن جي پاسداري، زندگيءَ جو تحفظ، فلاح و بھبود ۽ انھن جي هر لحاظ کان ترقياتي ڪم ۽ خدمت ڪرڻ.
(ب): هندو اقليتن کي انھن جي پاڪستاني شھري ٿيڻ، بنيادي آئيني حقن، فرضن، ثقافتي ۽ معاشرتي قدرن کي روشناس ڪرائڻ.
(ت): هندو اقليتن سميت سرڪاري نمائندن جي وچ ۾ مضبوط رابطو ۽ رهنمائي قائم ڪرڻ ته جيئن سياسي پارٽين ۾ مختص ڪيل (Open Or Reserved ) فائدن ۽ حاجتن (Benefits Or Privillages) جي فراهمي لاءِ باهمي تعاون جي فضا قائم ڪري سگهجي.
(ث): پھريائين رجسٽرڊ هندو اقليتي تنظيمن کي ضم ڪرڻ ۽ انھن سان گڏ تنظيمي ڪم ڪرڻ.

اجتماعي مقصد (General Objectives):
1.سـڀـنـي هـنـدو اقـلـيـتـن لاءِ مختص ڪيل سرڪاري ترقياتي مراعتن (Developmental Funds) کي هن فورم تحت وصول ڪرڻ.
2.هندو اقليتن جي هر قسم جي ضرورتن ۽ مسئلن جو تعين ڪرڻ ۽ انھن جي مڪمل طور سھائتا ڪرڻ.
3.هندو اقليتي نوجوانن کي تعليمي رهنمائي (Academic Guidance) ۽ نوڪرين (Carriers) جي فراهمي ۾ تعاون ڪرڻ.
4.غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ هر سطح تي غريب ۽ مستحق خاندانن جي مالي سھائتا ڪرڻ.
5.امن، مذهبي هم آهنگي ۽ عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ اقيلتي تھوار/ ڏڻ ملھائڻ.
6.اقيلتن لاءِ عبادتگاهن، ڪميونٽي سينٽر، روڊ رستن جي تعمير ڪرڻ.
7.صحت ۽ صفائي (بيمارين جو علاج) مفت سرڪاري سطح تي فراهم ڪرڻ جون ڪوششون وٺڻ .
8.هر قسم جي جائيداد متحرڪ يا غير متحرڪ (Moveable Or Immoveable) جي حصول ۽ جائز ترسيل (Utilization) جي لاءِ ڪم ڪرڻ.
9.ڪابه زمين يا عمارت جيڪا هن فورم جي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري هجي، ان کي خريد، ليز تي وٺڻ يا سڌو دان ۾ وصول ڪرڻ.
10.اخبار، خبرنامه يا مئگزين وغيره ڇپائڻ يا ڪا اهڙي پريس ڪانفرنس ڪرائڻ جيڪا هن فورم جي مقصدن کي وڌاءَ ڏيڻ لاءِ ضروري هجي.
11.هن فورم جي ڪمن جي خدمتن جي وڌاءَ لاءِ فيس يا دان وٺڻ.
12.هن فورم جي لاءِ وقتاً بوقتاً قاعده ۽ ضابطا ترتيب ڏيڻ، تبديل ڪرڻ يا منسوخ ڪرڻ.
13.منسوخ يا تبديل ڪيل قاعدن ۽ ضابطن جي برعڪس متبادل نئون ترميمي قاعدو يا ضابطو مرتب ڪرڻ جيڪو هن تنظيم جي منشور ۽ بنيادي ضابطي جي عين مطابق هجي.
14.هن فورم ۾ شامل سڀني اقليتي هندو برادرين لاءِ علحده قبرستان ۽ مساڻن جي لاءِ پلاٽ الاٽ (Allot) ڪرائڻ.
15.اڳ ۾ ٺھيل مندر جيڪي غير فعال آهن، انھن کي فعال بنائڻ ۽ زبون حال مندرن جي مرمت/تعمير ڪرائڻ واسطي لکپڙهه ڪرڻ ۽ ڪوششون وٺڻ.
16.فعال ٿيل مندرن جي سارَ سنڀال لاءِ سرڪار پاران ملازمن جي مقرري واسطي فورم ۾ شامل ميمبرن کي اوليت ڏيڻ.

**

Map of Hindu Panchayati Rabta Forum